ٻِت ٻِت تنهنجا ٻول

ٻِت ٻِت تنهنجا ٻول

ٻِت ٻِت تنهنجا ٻول

ٻِت ٻِت تنهنجا ٻول (ڪتاب): هي ڪتاب ٻاراڻي شاعريءَ جي موضوع جيڪو عبدالجبار عبد ترتيب ڏنو آهي ۽ ناليواري اديب، شاعر ۽ ليکڪ نثار بزميءَ جو لکيل آهي. 2007ع ۾ جيئي لطيف ادبي اڪيڊمي شڪارپور طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ڪتاب ۾ مرتب جي پيش لفظ کان علاوه،
غلام محمد غازي، شريف شاد سومري، گوهر سنڌي، غني غمدل، وحيد محسن، ۽ ارباب علي عادل چوهاڻ جا شاعريءَ بابت تاثرات شامل آهن.
بزمي صاحب جي سموري شاعريءَ ۾ ٻارن جي وندر ۽ دلچسپيءَ سان گڏ ٻارن لاءِ نصيحت پڻ آهي ۽ عنوانن جي مناسبت سان اسڪيچ پڻ ڏنل آهن. جنهن سان ڪتاب جي خوبصورتيءَ ۾ اضافو ٿيو آهي. 48 صفحن تي مشتمل، آفسيٽ پيپر جي رنگين ٽائيٽل سان ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 15 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو